شيخ محمد 2

شيخ محمد: مشهور خطاط، شيخ محمد، شيخ محمد حسن جو پٽ هو. هن بابت ڪنهن به تذڪري ۾ ڪو به حوالو نه ٿو ملي. شاهجهان جي ڏينهن ۾ هن خطاطيءَ جي فن ۾ امتياز حاصل ڪيو. ٺٽي جا گورنر ۽ شهزادا سندس ڪتابت جي خواهش رکندا هئا. هو نسخ، نستعليق ۽ ثلث خطاطيءَ ۾ هڪجهڙي مهارت رکندو هو. شرفا خان ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي مقبرن تي سندس تحرير ۾ قرآن شريف جون آيتون اڪريل آهن. عام روايتن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هو اورنگزيب جي شروعاتي دور ۾ زندهه هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو